سي ڊي ٽي جو ڳجهن ادارن سان گڏ افغانين خلاف آپريشن، 800 گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڳجهن ادارن سان گڏ آپريشن ڪندي اسلام آباد ۽ ڀرپاسي مان 800 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو.
سرچ آپريشن بارا ڪهو، ترنول، مهرآباديان، گولڙا، شمس ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيو ويو.
گرفتار افغان شهرين مان 400 کي پروف آف ريزيڊنس هجڻ تي ڇڏيو ويو، جڏهن ته 375 وٽ ڪو سڃاڻپ دستاويز موجود نه هو، جن کي حراست ۾ ورتو ويو.
ان سان گڏ 25 افغان شهرين کي دستاويزن جي تصديق تائين حراست ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته 375 افغان شهرين کي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي بارڊر پار موڪليو ويندو.
آپريشن کان اڳ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي فهرستون جوڙيون ويون، جن ۾ ڏوهن ۾ ملوث ڪيترن ئي افغان شهرين جي نشاندهي به ٿي، ايندڙ ڏينهن ۾ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.