لونءَ ڪانڊاريندڙ دنيا جو سڀ کان خوفناڪ آواز

سائنسدانن تازو ئي هڪ اهڙو آواز ٻيهر تيار ڪيو آهي جنهن کي هنن ”دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ آواز“ قرار ڏنو آهي.
اها قديم آزٽيڪ سيٽي آهي جنهن کي آزٽيڪ ڊيٿ وسل به چيو ويندو آهي.
ان جو آواز ٻڌندڙ لونءَ ڪانڊاري ڇڏي ٿو.
واضح رهي ته آزٽيڪ آمريڪا جي قديم رهاڪن ۾ شامل هئا ۽ هنن 14 کان 16 هين صدي جي دوران ميڪسيڪو تي حڪومت ڪئي هئي.
هنن جي حڪومت کي 16 هين صدي ۾ اسپين کان آيل فوج ختم ڪيو هو.
ان دور کان پوءِ ڊيٿ وسل کي هڪ قديم نوادر ان وقت قرار ڏنو ويو هو جڏهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ميڪسيڪو ۾ ان جي محفوظ نقل کي دريافت ڪيو ويو.
بنيادي طور تي اها هڪ سيٽي ناهي پر هڪ کوپڙي آهي.
جي ها واقعي ۽ انهيءَ کي نظر ۾ رکندي سائنسدانن ڊيٿ وسل کي تيار ڪيو آهي.
اها کوپڙي هڪ خوفناڪ ڪري ڇڏيندڙ آواز خارج ڪري ٿي ۽ مڃيو ويندو آهي ته آزٽيڪ ماڻهو ان سيٽي کي انساني قرباني جي موقعي تي استعمال ڪندا هئا.
ائين به چيو ويندو آهي ته ان سيٽي جي ذريعي ان سان جنگن جي دوران مخالفن کي ڊيڄاريو ويندو هو.
هڪ وڊيو ۾ ٿري ڊي پرنٽر سان تيار ڪيل آزٽيڪ ڊيٿ وسل بابت ٻڌايو ويو.
وڊيو موجب ان کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڪري ڏيندڙ آواز تصور ڪيو ويندو آهي ۽ اهي ڪي انساني رڙيون ناهن ان سيٽي مان نڪرن ٿيون جيڪي دل جي اندر ڊپ پيدا ڪن ٿيون.
ان سيٽي جي ڊزائين ڪجهه اهڙي آهي جو جڏهن ان ۾ ڦوڪ ڏجي ٿي ته هوا ۾ حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي جنهن جي ڪري آواز جون لهرون ٻين سوراخن مان خارج ٿين ٿيون.
وڊيو ۾ ٻڌايو يو ته اهو آواز ان وقت گھڻو ڊيڄاري ٿو جڏهن اوهان ڪنهن فرد کي سيٽي وڄائيندي نه ڏسو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.