ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ويجهو سومار ڳوٺ ۾ سايائي بتول اسٽيٽ ايجنسي ۾ هٿياربندن پاران داخل ٿي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ايجنسي ۾ ويٺل پورٽ قاسم جو اڳوڻو ملازم ۽ اسٽيٽ ڊيلر نوابشاهه واسي زوار حسين کوکر ۽ حاجي عطر جوکيو ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، واقعي بعد علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي پڻ پهچي واقعي بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي معلومات موجب 2 موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران ڪارروائي ڪئي وئي جنهن مان هڪ ٻاهر روڊ تي بيٺل رهيو جڏهن ته هڪ ملزم اسٽيٽ ايجنسي ۾ اندر داخل ٿي ايجنسي ۾ ويٺل زوار حسين کوکر ۽ حاجي عطر جوکيو مٿان سڌي فائرنگ ڪئي واقعو شروعاتي طور تي ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي هن چيو ته پوليس شڪ جي بنياد تي هڪ ملزم کي پڻ گرفتار ڪيو آهي .