ميانوالي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ ڪنڊل واري هنڌ پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد، جڏهن ته ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ جي پنجاب موجب 10 کان 12 دهشتگردن ڪنڊل پيٽرولنگ پوسٽ تي حملو ڪيو هو، چيڪ پوسٽ جي ڇت تي موجود اهلڪار جي جوابي فائرنگ سان ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ جي ٻڌايو ته چيڪ پوسٽ تي ٻن پاسن کان حملو ڪيو ويو، پنجاب پوليس ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻيا فرار ٿي ويا.
آءِ جي موجب دهشتگردن جي حملي خلاف پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هارون خان شهيد ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.