ڀاڄي کپائڻ لاءِ لگزري گاڏي ۾ ايندڙ هاري جي وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀاڄي کپائڻ لاءِ 44 لک ڀارتي رپين کان وڌيڪ ماليت جي لگزري اوڊي گاڏي ۾ ايندڙ هاري جي وڊيو وائرل ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪيرالا سان واسطو رکندڙ هاري وٽ لگزري اوڊي اي 4 آهي جنهن جي قيمت 44 لک ڀارتي رپيا آهي.

ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هاري پنهنجي مهانگي گاڏي ۾ بازار ايندو آهي ۽ پوءِ پنهنجو ڀاڄيون کپائي واپس انهيءَ گاڏي ۾ روانو ٿي ويندو آهي.

ان حوالي سان هاري پنهنجي اها وڊيو سوشل ويب سائيٽ انسٽاگرام تي به شيئر ڪئي آهي جنهن هن جو اڪائونٽ ”وارنٽي فارمر“ جي نالي سان بڻايو آهي.

هاري طرفان شيئر ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ان کي ٻني مان پالڪ پٽيندي ڏسي سگھجي ٿو، ۽ پوءِ هاري کي اڇي رنگ جي اوڊي گاڏي ۾ ويهي هڪ روڊ جي ڪنڊ تي ڪپڙو وڇائي پالڪ وڪرو ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ان وڊيو تي دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.