حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 8 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 323 رپيا 38 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قيمت 318 رپيا 18 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب اگهن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت موجب رپئي جي قدر ۾ بهتري سبب به پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي ليوي 60 رپيا ۽ ڊيزل تي 50 رپيا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.