افغانستان کان بحرين ويندڙ پارسل ويندڙ مان ساڍا 14 ڪلو هيروئن هٿ

ڪراچي ( رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ افغانستان کان دوحا  موڪليل پارسل مان ساڍا 14 ڪلو گرام اعليٰ معيار جي آئس هيروئن هٿ  ڪئي وئي.ڪراچي ايئرپورٽ ڪسٽم جي ڊرگ انفورسمينٽ سيل جي ڪليڪٽر شفيق احمد لاٽڪي  موجب سندس عملدار ڪراچي ايئرپورٽ تان لاوارث ٿيلهي مان منشيات هٿ ڪئي.هن ٻڌايو ته ميون جي ٽوڪرين تي مشتمل پارسل افغانستان جي شهر مزار شريف مان رفيع نالي هڪ شهري بحرين جي گلباز خان جي نالي موڪليو هو. پارسل ڪراچي کان پشاور ذريعي افغانستان جي مزار شريف پهچڻو هو. ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم ڊرگ انفورسمينٽ جي عملدار شڪ جي بنياد تي پارسل کي چيڪ ڪيو ته 14 ڪلو 500 گرام ڪرسٽال آئس ملي.ڪليڪٽر شفيق احمد ٻڌايو ته پارسل کولڻ تي ڪارٽون مان 30 ڪروڙ رپين جي اعليٰ معيار جو ڪرسٽل آئس هٿ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.