ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته 7 ڏينهن اندر صوبي جي سمورن خانگي اسڪولن ۾ قانون موجب 10 سيڪڙو غريب / پٺتي پيل ٻارن کي مفت تعليم کي يقيني بڻائيندي ستن ڏينھن اندر مونکي رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي لکيل خط ۾ چيو آھي ته خانگي اسڪولن جي انتظاميه لڳاتار قانون جي ڀڃڪڙي ڪري پئي. هن اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن پرائيويٽ اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو قانوني طور ستن ڏينھن ايندڙ مفت تعليم ڏيڻ کي ھر صورت لاڳو ڪرائي . وڏي وزير خبردار ڪيو ته ڄاڻايل پاليسي تي عمل نه ڪرڻ يا ڪوتاھي جي ذميوار اسڪول انتظاميه خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،