لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي سميت قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير ڌماڪي سبب فوت ٿيلن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو،