معاهدي باوجود ڇهن سالن ۾ بدين انڊس اسپتال ۾ سهولتون نه وڌيون، بجيٽ رڪجي وئي

بدين   (رپورٽ رازق ڏنو کوسو) انڊس اسپتال بدين ۽  صحت کاتي سنڌ وچ ٿيل معاهدي باوجود انڊس اسپتال ڇھن سالن ۾  مختلف شعبه کولڻ ۾ ناڪام بدين واسين کي جديد علاج واريون سھولتون ڏيڻ ۾ ناڪام تحريري معاهدي تي عمل نه ڪرڻ سبب نگران حڪومت سندن بجيٽ روڪي ڇڏي بجيٽ نه ملڻ سبب انڊس اسپتال بدين جي او پي ڊي جو آخري ڏينھن ملازمن ۾ بيچيني جي لھر نگران حڪومت انڊس اسپتال بدين اندر ڇھن سالن کان بند پيل شعبه کولي نه سگھڻ سبب سخت ڪاوڙيل آهي.  انڊس اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمد خلاف غلط پروموشن ڪرڻ واري جاچ شروع ٿي وئي، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي ڪوششن سان بدين ۾  جديد اسپتال جديد سھولتون ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻجي ويئي سنڌ حڪومت پاران سالياني بجيٽ ھڪ ارب 86 ڪروڙ روپيا انڊس کي ڏيڻ باوجود به ڇھن سالن ۾ انڊس اسپتال بدين جو آئي سي  يو وارو شعبو . سي ٽي اسڪين سميت مختلف شعبه جيڪي انڊس اسپتال کي 2017 جي معاهدي تحت انڊس جي عبدالباري ۽  صحت کاتي جي وچم ۾ ٿيو ھو ان تحت انڊس  اسپتال پورو لھي نه سگھي اربين رپين جو بجيٽ هجڻ  باوجود  انڊس اسپتال ماڻھن کي ماڻھن کي صحت جون سھولتون نه ملڻ سبب بدين جا رهواسي  صحت جي سھولتن کان وانجھيل رھيا وڏي رقم ملڻ باوجود به انڊس اسپتال ۾ سھولتن جون فقدان ھجڻ سبب نگران حڪومت سندن بجيٽ نه ڏيڻ ۽ انڊس کان اسپتال جا انتظام واپس وٽڻ بعد پي پي ايڇ آئي جي حوالي ڪرڻ جا سانڀا ڪيا پيا وڃن. ھن وقت سرجيڪل بليڊ 50 روپين وارو به اسپتال وٽ نه آهي ۽ اسپتال جي  انٽر نيٽ سروس به ھڪ ھفتو کان بند ٿي وئي آھي. سوين ملازم ھن مھيني  جي پگھار کڻڻ کان به محروم آھن جيڪي بي روزگار ٿيڻ جو خد شو پيدا ٿي ويو آھي مريضن جو کاڌو به بند ڪيو ويوآھي واٽر سپلائي  جي لائين ھڪ ھفتي کان خراب ھجڻ سبب اسپتال ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.  انڊس اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمدکان بجيٽ روڪڻ ۽ انڊس اسپتال ۾ بدانتظامي بابت عوامي آواز پاران سوال پڇڻ تي  جواب ۾ ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمد چيو ته آءٌ هن سلسلي ۾ ڪوبه موقف نه ڏيندم ڇوته اسان موقف جاري ڪري ڇڏيو  آهي. عوامي آواز پاران  نگران سنڌ جو وڏي وزير جي ترجمان کان فون ذريعي موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.