گهوٽڪي:سڪرنڊ سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي طرفان سڪرنڊ جي ماڙي جلباڻي واقعي خلاف نصر الله ڪلادي ،لعل بخش گھوٽو،سيد جمال شاھ، فضل ڪلھوڙو،محبوب گھوٽو، بادل ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان پپل چوڪ تائين احتجاج ڪري ريلي ڪڍي وئي،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي گناهه ڳوٺاڻن مٿان حملو ڪري قتل ڪرڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي جنهن واقعي تي حڪومت کي ڪجهه سوچڻ گهرجي،هنن واقعي جو ڪيس ته داخل ٿي ويو آهي پر جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا جيڪا حڪومت جي نااهلي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.