سڪرنڊ ۾ غلط اطلاع تي ڪارروائي رياستي ادارن تي داغ آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ غلط اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز پاران ڪاروائي جي نتيجي  ۾ 05 قيمتي انساني جانين جي زيان ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو هي آهي ته ملڪ ۾90 کان دهشتگردي جي لهر ۾ ڪڏهن به ڪنهن واقعي ۾ ڪوبه سنڌي آپگهاتي بمبار ملوث ناهي رهيو ته هاڻي ڪئين ماڙي جلباڻي جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ آپگهاتي بمبار پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته سڪرنڊ جون سرحدون نه ڀارت ۽ نه ئي وري افغانستان سان ملن ٿيون، ڪوڙي مخبري تي ايڏي وڏي ڪاروائي رياست ۽ انصاف جي دعويدار ادارن جي منهن تي ڪارو داغ آهي. هن چيو ته حڪمران هوش کان ڪم وٺن سنڌ کي به وانا وزيرستان ۽ بلوچستان بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.