ماڙي جلباڻي واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي: صفدر عباسي

سڪرنڊ(ن ع آ)جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ پهچي ايس يو پي سنڌ  جي صدر سيد زين شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ ايندڙ اليڪشن ۽ جي ڊي اي ۾ شامل ٿيندڙ پارٽي اڳواڻن جي حوالي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي صفدر عباسي  چيو ته نگران حڪومت نا اهل آهي. هنن کي خبر ئي ناهي ته صوبي کي ڪيئن هلائڻو آهي. سنڌ ۾ ناانصافي ٿي آهي تڪ گهٽايا ويا آهن. هن چيو ته نگران حڪومت جي نااهلي آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ هيڏو وڏو سانحو ٿيو آهي ان جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير نظام الدين سنجراڻي ، ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ محمد اسماعيل ٻگهيو ، مير عرفان عباسي، علي شير شيخ، مير حسن لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.