حارث نواز، ايس ايس پي نوابشاهه ۽ ڊي جي رينجرز کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي: عوامي تحريڪ

دادو (ڊر +پ ر) سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، بوگس ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ ۽ مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ پاران دادو پريس ڪلب جي هال ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماه نور ملاح، ستار رند، سرتاج چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر، سنڌو، عاطف ملاح، گلڻ ڀنڊ، ايڊوڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، شاعر عاشق دادوي، معشوق برهماڻي، سنڌي ادبي سنگت دادو جي سيڪريٽري رجب آزاد، شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر غلام نبي جمالي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي مرڪزي اڳواڻ راجا رفيق پنهور، بخت حسين ملاح، حيدر ملاح، هادي بخش کوھارو، خطاب ڪيو. ماڙي جلباڻي سانحي تي ٻه منٽ اٿي بيهي خاموشي اختيار ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت خلاف سپريم ڪورٽ پنهنجو آئيني ڪردار نڀائي ۽ آئين جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ رياستي ادارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي. زمينون غير ملڪين بدران غريب مسڪين سنڌي هارين کي ڏنيون وڃن. ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. گورک هل اٿارٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي سپريم ڪورٽ کان جاچ جي گهر ڪئي وئي. لال جروار چيو ته ھڪ منصوبابندي سان وقت کان اڳ غير قانوني غير آئيني فرمائشي ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم جي اڪثريت کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڪرائي وئي ته جيئن بوگس آدمشماري جا من پسند انگ اکر ڏيکاري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري سگھجي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين غير ملڪين حوالي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام  واري ڏينهن کي سنڌي عوام لاء ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته هن سانحي جي اعلي عدالتي ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي. ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام ۾ قاتلن جي حمايت ۾ بيان بازي ڪرڻ تي سنڌ جي گهرو وزير حارث نواز، ايس ايس پي نوابشاه ۽ ڊي جي رينجرز کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.