بلوچستان ۾ دهشتگردي واقعن ۾ ”را“ ملوث رهي آهي: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (اي پي پي) نگران وفاقي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جا جيڪي به واقعا ٿيا آهن انهن سڀني ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ ملوث آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي  سهولتڪارن کي ڪا به جڳهه نه ڏني ويندي، انهن خلاف جيترو وڏو آپريشن ڪرڻو پيو اهو ڪنداسين، دهشتگردن کي ڪٿي به لڪڻ جي جڳهه نه ڏينداسين ۽ هر پاڪستاني جي رت جو حساب ورتو ويندو، مستونگ واقعي ۾ شهيدن جو انگ 55 ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ نگران صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.