پيٽرول 8 ۽ ڊيزل 11 رپيا سستو

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي  آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 77 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ 7 رپيا 53 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول جي نئين قيمت 323 رپيا 38 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر گهٽتائي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 318 رپيا 18 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.