فاطمه ڪيس: جوابدار اسد شاهه جي ليپ ٽاپ مان سمورو مواد ڊليٽ،پوليس فون جو ڪوڊ وٺڻ ۾ ناڪام

راڻيپور (رپورٽ :فياض حسين راڄپر) پيرن  جي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه وارو معاملو پير اسد شاھ جي حويلي مان هٿ ڪيل ڊجيٽل ويڊيو ريڪارڊ جي فرازنڪ رپورٽ مان ڪي به شاھديون نه ملي سگهيون فرازنڪ ماهرن جي رپورٽ موجب  پوليس  کي ڊجيٽل فرانزڪ مان شاهديون نه ملي سگهيون آھن ڊي وي آر  پوليس کي هٿ اچڻ کان اڳ ئي تمام ڊيٽا ڊليٽ ڪئي وئي هئي جنهن سبب ڪو به مواد هٿ اچي نه سگهيو آھي  ڊي وي آر مان ڊليٽ ڪيل ڊيٽا رڪوري نه ٿي سگهي جوابدار اسد شاهه پنهنجي ليپ ٽاپ مان به سمورو رڪارڊ پڻ ڊليٽ ڪري ڇڏيو هوجوابدار اسد شاهه موبائيل فون جو بار بار غلط ڪوڊ ٻڌائڻ سبب آئي فون مڪمل لاڪ ٿي ويو  ڪراچي مان  آئي فون جو پن ڪوڊ کلي نه سگهيو آھي  فرانزڪ ماهرن موجب پن ڪوڊ کولڻ جي ڪوشش دوران سمورو رڪارڊ ختم به ٿي سگهي ٿو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.