هنگو مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جو ڪيس داخل

پشاور(م ڊ) ضلعي هنگو جي ٿاڻي دوآبه مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ڪوهاٽ ريجن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، ڊي پي او نثار  احمد موجب سي ٽي ڊي ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپيشل ٽيمون واقعي واري هنڌ تان مواد گڏ ڪري جاچ ڪري رهيون آهن، ڌماڪي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون ته آپگهاتي حملي آور ڪٿان آيا، پوليس موجب هنگو ۾ دوآبه ٿاڻي جي مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي ايف آءِ آر ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آهي آپگهاتي حملي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 12 زخمي ٿيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.