اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان ۾ فرانس جي سفارتخاني پاڪستان جي شهرن مستونگ ۽ هنگو ۾ مذهبي اجتماعن تي دهشتگردن حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ فرانسيسي سفارتخاني چيو ته اسان معصوم زندگين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون،هوڏانهن ترڪيه به دهشتگرد واقعن جي مذمت ڪئي آهي