مزاحمتي بيانيو ختم، نواز ليگ پاران اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جي پاليسي کان پاسو

لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ (ن) اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جي پاليسي کان پاسو ڪرڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اهم اجلاسن ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ جي پاليسي کان پاسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لنڊن ۾ نواز شريف سان شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار اهم ملاقاتون ڪيون. شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار نواز شريف کي وطن واپسي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي صلاح ڏني، جڏهن ته مريم نواز ن ليگ قيادت جي ڪجهه اهم ملاقاتن ۾ پڻ شرڪت ڪئي. چونڊن ۾ معاشي مسئلا اجاگر ڪرڻ جو فيصلوڪندي انتقامي رويو اختيار نه ڪيو ويندو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پارٽي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خلاف سازش ڪندڙن جو معاملو الله تي ڇڏي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس خلاف سازش ڪندڙن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جو اڳواڻ پنهنجو بيانيه ٻڌائيندو آهي، مان پنهنجي سوچ رکي سگهان ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.