اسلام آباد(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽورڪ (فافن) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ڊجيٽل مردم شماري تحت ڪرايل ابتدائي تڪبندين کي غير مساوي قرار ڏيڻ تي اعتراض ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ تڪن ۾ آبادي ورهاست کان وڌيڪ آهي. 10 سيڪڙو جي حد ۽ برابر ووٽ جي اصول جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تڪن جي آبادي ۾ اهو فرق برابري ووٽرن جي اصول جي به خلاف ورزي آهي جنهن کي پارليامينٽ پاران اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ڪيل تازين ترميمن ۾ نمايان ڪيو ويو هو جتي اهو 4 آگسٽ 2023 کان لاڳو ٿيو. انهن ترميمن ۾ اليڪشن ڪميشن کي اجازت ڏني وئي ته هو تڪ بنديون ڪندي ضلعن جي حدن کي نظرانداز ڪري. انهيءَ نقطي تي زور ڏيندي چيو ويو آهي ته ان اجازت جو مقصد اهو هو ته ڪنهن اسيمبلي جي تڪن جي وچ ۾ آبادي جو فرق عام طور تي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجي. تازو ئي ترميم لاڳو ڪندي 11 قومي ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪن کي اندرون ضلعي حلقن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي انهن 11 تڪن مان 6 خيبرپختونخواهه، 3 پنجاب ۽ 2 سنڌ ۾ آهن ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي هڪ کان وڌيڪ ضلعن تي مشتمل آهي. فافن چيو ته هن ترميم جي محدود استعمال جي ڪري، 2022 جي تڪن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جي فرق سان تڪن جو تعداد وڌي ويو آهي، مجموعي طور تي 170 حلقن جي آبادي جو فرق 2022 ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. قومي اسيمبلي جا 82 ۽ صوبائي اسيمبلين جا 88 حلقا شامل هئا. هاڻوڪي تڪبندين ۾ اهو انگ وڌي 180 ٿي ويو آهي، جن ۾ قومي اسيمبلي جا 83 ۽ صوبائي اسيمبلي جا 97 حلقا شامل آهن، قومي اسيمبلي جي تجويز ڪيل تڪن ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جي فرق سان پنجاب ۾ 35، سنڌ ۾ 22، خيبرپختونخواهه ۾ 21 آهن. پختونخواهه ۽ بلوچستان جا 5 حلقا شامل آهن. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه جا 30، پنجاب جا 26، بلوچستان جا 25 ۽ سنڌ جا 16 حلقا صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ شامل آهن، جن جي آبادي ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ فرق آهي. پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جو سڀ کان وڏو تجويز ڪيل حلقو اين اي 49 اٽڪ ون آهي، جنهن جي آبادي 11 لک 26 هزار 142 آهي، جڏهن ته سڀ کان ننڍو حلقو اين اي 61 جهلم ٻه آهي، جنهن جي آبادي 6 لک 90 هزار 683 آهي، اهڙي طرح سنڌ ۾ به اين اي 209 سانگهڙ ون جي آبادي 11 لک 72 هزار 516 آهي جڏهن ته اين اي 221 221 ٽنڊو محمد خان جي آبادي 7 لک 26 هزار 119 آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي تڪ اين اي 255 صحبت پور جعفرآباد اوستا محمد نصيرآباد جي آبادي 11 لک 24 هزار 567 آهي جڏهن ته اين اي 261 ڪوئيٽا ون جي آبادي 7 لک 99 هزار 886 آهي. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي جي سڀ کان وڏي تڪ پي ايس 75 ٺٽو ون جي آبادي 5 لک 56 هزار 767 آهي جڏهن ته پي ايس 79 ڄامشورو 2 سڀ کان ننڍو تڪ آهي جنهن جي آبادي 3 لک 54 هزار 505 آهي. فافن ووٽرن جي سهولت لاءِ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته ووٽرن کي اعتراضن لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد جي سينٽرل سيڪريٽريٽ ۾ اچڻو پوندو ۽ ٻڌڻي به اسلام آباد ۾ ئي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ اضافي خرچ ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ضلعي، علائقائي ۽ صوبائي آفيسن ۾ اعتراض جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ۽ اعتراضن جي ٻڌڻي صوبائي سطح تي به ٿي سگهي ٿي.