اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ+رپورٽر)صدر عارف علوي جسٽس عرفان سعادت خان جي وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايوان صدر پريس ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب صدر عارف علوي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 196 موجب ڏني آهي، موجوده چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي ايم شيخ 2 آڪٽوبر تي پنهنجي عهدي تان ريٽائر ٿي ويندي