ڪراچي (رپورٽر) غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آهي، کين هڪ مهيني جي ڊيد لائن ڏني وئي آهي. ڊيڊ لائن کانپوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني ڊالرن ۾ غير قانوني واپار ذريعي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث آهن، اڪثر غير قانوني ماڻهو ڏوهاري سرگرمين ۽ اسمگلنگ ۾ به ملوث آهن. رپورٽ موجب غيرقانوني پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو.