فيصل آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مديني جي رياست جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ملڪي معيشت 47هين نمبر تي هلي وئي، هاڻي سياستدان ۽ جنرل به زور ڏئي رهيا آهن پر ملڪ مشڪلاتن مان نڪري نه رهيو آهي. فيصل آباد ۾ ناموس رسالت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حضرت محمد ﷺ جهڙو ٻيو ڪوبه پيدا ناهي ٿيو. هن چيو ته اسلام جي نالي تي حاصل ڪيل ملڪ ۾ ناحق رت وهايو پيو وڃي، انسانيت کي اڄ امن جي ضرورت آهي. دهشتگردن جي دهشتگردي جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ آهي، آمريڪا پنهنجا هٿيار وڪڻڻ لاءِ جنگ مسلط ڪري اسان کي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن ٽائيگرز ذريعي دفاعي ادارن تي حملا ڪيا. هاڻي چين ۽ سعودي عرب به چون ٿا ته جيڪڏهن وري ائين ٿيو ته اسان جا پئسا ٻڏي ويندا.