سياستدان ايماندار هجن ها ته ملڪ جو هي حال نه هجي ها: پرويز خٽڪ

ڪوهاٽ: (م ڊ) تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان نئين پاڪستان جو ڪوڙو نعرو  هڻي ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو.ڪوهاٽ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته جيڪڏهن سياسي ماڻهو ايماندار هجن ها ته ملڪ جو هي حال نه هجي ها، اسان ڪيستائين کوکلن نعرن پويان ڀڄندا رهنداسين، سي پيڪ ويسٽرن روٽ مان منظور ڪيو هو، اسان 18 لک ماڻهن کي مفت صحت ڪارڊ ڏنا. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين نئين پاڪستان جو ڪوڙو نعرو هنيو ۽ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻين سياسي اڳواڻن جيان عمران خان کي به ملڪ کي قرضن ۾ وڪوڙي ڇڏيو، اسان کي ان مان وڏيون اميدون هيون پر اهي رڳو اميدون ئي هيون. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽيرنيز نعرن لاءِ ناهي آئي، اسان ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪنداسين، اسان کي عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪرپٽ حڪمران ڪڏهن ملڪ کي ترقي جي رستي تي نٿو آڻي سگهي.

سڄي ملڪ ۾ عيدميلادالنبي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

اسلام آباد (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ حضرت محمد ﷺجي ولادت جو جشن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي  تي سڄي ملڪ ۾ ننڍين وڏين عمارتن کي خوبصورتي سان سجايو ويو ۽ هر طرف روشني ۽ فضا ۾ درود ۽ سلام جو صدائون بلند ٿينديون رهيون. ميلاد مصطفيٰ ﷺجي حوالي سان نعتن جون محفلون جاري رهيون ۽ ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا. جماعت اهلسنت ڪراچي تحت مرڪزي جلوس 3 وڳي منجهند جو علامه سيد شاهه عبدالحق قادري ۽ ٻين عالمن جي اڳواڻي ۾ نيو ميمڻ مسجد بولٽن مارڪيٽ مان برآمد ٿيو،

ڊاڪٽر جنيد شاهه ۽ ارشد ولي محمد وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي رپورٽر )سنڌ جي ثقافت، نوجوانن جي معاملن ۽ محنت ۽ انساني وسيلن واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي  شاھ ۽ سياحت کاتي جي نگران صوبائي وزير ارشد ولي محمد ملاقات ڪري سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آھي، ٻنھي صوبائي وزيرن ملاقات دوران ان ڳالھ تي به زور ڏنو ته ثقافت ۽ سياحت کاتي وچ ۾ رابطن واري عمل کي پڻ جاري رکيو ويندو،

مرتضيٰ سولنگي پاران چين جي قومي ڏينهن تي مبارڪباد

اسلام آباد(م ڊ)سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير عوامي جمهوريه چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪن جو پيغام ڏنو  آهي، چين جي سرڪاري دوري تان وطن واپسي جي موقعي تي بيجنگ ۾ چائنا ميڊيا گروپ جي اردو سروس سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته هو خوشي جي ان موقعي تي چيني جٿن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.