عمران جو مقابلو رياست سان آهي، نوازشريف بابت قانون وزارت کان راءِ گهري آهي:ڪاڪڙ

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ  چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان  تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي سڀني دستياب قانوني اختيارن کي ڪتب آڻڻ کان پوءِ عدالتن طرفان قانوني طور تي چونڊن کان روڪيو وڃي ٿو ته اهو معاملو نگران حڪومت جي اختيار ۾ نه هوندو. پي ٽي آءِ خلاف ڪا به سختي نه ڪئي ويندي، جيتوڻيڪ فسادن، ڀڃ ڊاهه، باهه ڏيڻ ۽ ماڻهن کي تشدد تي اڪسائڻ ۾ ملوث ماڻهن سان قانون مطابق منهن ڏنو ويندو. پنهنجي لنڊن جي دوري دوران بي بي سي هارڊ ٽاڪ کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته عمران خان جي قسمت جو اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ٿيو. هن وٽ عدالتي حل موجود آهي ۽ سڀني آپشنز کي عدالتي طور تي استعمال ڪرڻ کان پوءِ امڪان آهي ته ان کي قانوني طور تي طور تي ان عمل کان روڪيو وڃي، جيڪو نگران حڪومت جي اختيار کان ٻاهر آهي. هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جي باري ۾ پڻ هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن فرد کي چونڊن کان روڪيو ويو ته هي ايگزيڪيوٽو جي فيصلي سبب نه هوندو، ڇو ته اهو صرف عدالتي فيصلن سان ئي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته نگران وزيراعظم هوندي هو عدالت جي فيصلن کي ڪالعدم نه ٿو ڪري سگهي. ڇا نواز شريف کي لنڊن کان واپسي تي گرفتار ڪيو ويندو؟ ان حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي وزيراعظم  چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته آيا هن جي حفاظتي ضمانت آهي يا کيس ڪنهن ٻئي قانوني طريقي جي سهولت دستياب آهي. بي بي سي اردو کي هڪ ٻئي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي معاملي ۾ قانون کي پنهنجو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هو عدالتي حڪم تي پرڏيهه ويو هو. هن  چيو ته هن ڪرنسي ۽ ذخيره اندوزي  جي غيرقانوني ڪاروباري خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي، حڪومت اسٽيل مل، پي آءِ اي ۽ پاور ڊسڪوز جهڙن سرڪاري ادرن جي نجڪاري لاءِ به قدم کڻندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.