حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ھي وقت گھر ويٺي تنقيدون ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ تصوراتي مشورا ڏيڻ جو نه پر ھر قومي درد رکندڙ، مرد توڙي عورت جي نشانبر ٿي، اعتماد ۽ جرئت سان اڳتي اچڻ جو آھي، هن چيو ته سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪيون پيون وڃن ساحلي پٽي کانپوءِ ھاڻي ڪوھستان جون زمينون ڪوڙن کاتن ذريعي غيرمقامي ماڻھن جي نالي ڪيون پيون وڃن. مقامي وڏيرا ڪميشن لاء قبضا ڪرائي رھيا آھن، ڪراچي کان ويندي ڄامشورو تائين سپر ھاءِ وي جي ٻنھي پاسن کان ھزارين ايڪڙ زمين مختلف ماڻھن کي ڏني وئي آھي، جيڪي مقامي ماڻھن کي زبردستي لڏائي مختلف منصوبا جوڙي رھيا آھن.