سائفر ڪيس: عمران ۽ شاهه محمود ڏوهي، اسد عمر آجو، چالان جمع

اسلام آباد (م ڊ) ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف چالان خاص  عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چالان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جو ٽرائل ڪري سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ايف آءِ اي جي جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ناهي چالان ۾ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط شاهد آهي ۽ سندس 161 ۽ 164 جو بيان چالان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين سائفر پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو. .ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي شاهدن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمزي ۽ سائفر پرڏيهي وزارت کان وٺي وزيراعظم تائين پهچائڻ ۾ سڄي چين شاهدن ۾ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.