اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضي سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته د هشتگردن جشن ولادت رسول الله صلي عليه وسلم ۽ جمعي جي نماز کي بزدلاڻين ڪارواين لاءِ چونڊي بي گناه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظرئي ۽ اخلاقيات سان ڪو به تعلق نه آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني رياست خونخوار درندن کي پوري قوت ۽ عوام جي طاقت سان تباه ڪندي آخري دهشتگرد جي خاتمي کي يقيني بڻايو ويندو