ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي محققن ڪڪرن ۾ مائڪروپلاسٽڪ موجود هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته پلاسٽڪ جا اهي ننڍا ذرڙا آب هوا کي متاثر ڪري رهيا آهن جن کي سائنسدان اڃا تائين پوري طرح سمجهي ناهن سگھيا.
رپورٽ موجب ماحولياتي ڪيمسٽري ليٽرز نالي رسالي ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جاپاني سائنسدانن مائونٽ فوجي ۽ مائونٽ اوياما تي چڙهيا جتي هنن جبلن جي چوٽين تي ڇانيل ڪوهيڙي مان پاڻي جمع ڪرڻ جي تحقيق ڪئي.
سائنسدانن گڏ ڪيل نمونن جي ڪيميائي خاصيتن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنيڪن جو استعمال ڪيو.
تحقيقي ٽيم کي خبر پئي ته نمونن ۾ 9 ڌار ڌار قسمن جا پوليمر ۽ هڪ قسم جو رٻڙ موجود آهي،
ڪڪرن جي پاڻي جي هڪ ليٽر ۾ پلاسٽڪ جي ذرڙن جو مقدار 6.7 کان 13.9 جي وچ ۾ هو.
تحقيق جي مرڪزي ليکڪ ۽ ويسيڊا يونيورسٽي جي هيروشي اوڪوچي خبر ڪيو آهي ته جيڪڏهن فضائي گدلاڻ ۾ پلاسٽڪ جي موجودگي جي مسئلي کي اجاڳر نه ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي خطرا هڪ حقيقت بڻجي سگھن ٿا جيڪي مستقبل ۾ سنگين ماحولياتي نقصان جو سبب بڻجي سگھن ٿا.
مائڪروپلاسٽڪ ڇا آهي؟
مائڪروپلاسٽڪ پلاسٽڪ جا ننڍا ننڍا ذرڙا آهن جيڪي صنعتي گدلاڻ، ٽيڪسٽائل، هٿرادو ڪار جي ٽائر ۽ ٻين شين مان نڪرن ٿا.
اهي مائڪروپلاسٽڪ مڇين جي اندر، آرڪٽڪ سمنڊ جي اندر ۽ فرانس ۽ اسپين جي وچ ۾ موجود پيرينيس جي جبلن تي ڄميل برف ۾ به دريافت ٿي چڪا آهن.
تحقيقي رپورٽ جي ليکڪ جو چوڻ هو ته اسان جي ڄاڻ موجب ڪڪرن ۾ مائڪروپلاسٽڪ موجود هجڻ جي اها پهرين رپورٽ آهي.
ويسيڊا يونيورسٽي جي هڪ بيان موجب انسان ۽ جانور ٻئي مائڪروپلاسٽڪ کائي رهيا آهن يا ساهه ذريعي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري رهيا آهن ۽ پلاسٽڪ جا اهي ننڍڙا ذرڙا ڦڦڙن، دل، رت ۽ پيٽ جي فضلي سوڌو مختلف عضون ۾ موجود هوندا آهن.
يونيورسٽي نون تحقيقي نتيجن جو اعلان ڪندي چيو ته 10 لک ٽن پلاسٽڪ جا ننڍا ننڍا ذرڙا سمنڊ ۾ جمع ٿيندا آهن، جيڪي اڪثر سامونڊي اسپري سان گڏ هوا ۾ ڇڏيا ويندا اهن ۽ ان کان پوءِ هوا ۾ داخل ٿي ويندا آهن، ان مان خبر پوي ٿي ته مائڪروپلاسٽڪ ڪڪرن جو هڪ لازمي جُز بڻجي چڪا آهن، جيڪي امڪاني طور تي اسان جي کاڌي پيتي جي شين سوڌو وڏي پيماني تي استعمال ٿيندڙ شين کي آلودا ڪري سگھن ٿا.
تازن نتيجن مان خبر پئي آهي ته مائڪروپلاسٽڪ جو واسطو صحت جي مسئلن سان اهي، جن ۾ دل ۽ ڦڦڙن جي صحت تي اثرن سان گڏ ڪينسر به شامل آهن ان کانسواءِ مائڪرو پلاسٽڪس جو واسطو وڏي پيماني تي ماحول کي نقصان پهچائڻ سان به آهي.
You might also like