ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايت تي وزيراعليٰ جو شڪايتي سيل 24 متحرڪ رهندو.
نگران وڏي وزير موجب شڪايتي سيل 24 ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ حاضر آهي، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جو ڪم نه ٿيندو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته رشوت گھرندڙ سرڪاري ملازمن جي خلاف به سخت ڪارروائي ٿيندي.
جسٽس (ر) مقبول باقر کي پبلڪ ڪمپلين سيل طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب سي ايم هائوس ڪمپلين سيل ۾ هيل تائين 747 شڪايتون مليون آهن، 486 شڪايتن کي حل ڪيو ويو، جڏهن ته 260 تي ڪم جاري آهي.
ترجمان موجب عوام ڪنهن به سرڪاري کاتي بابت شڪايت هيٺيڻ نمبرز تي داخل ڪرائي سگھي ٿو.
رابطہ نمبرز080091915،02199202080،02199202081