اسان جنگ ۾ حصو ورتو ته اسرائيلي ايوان ڌُڏي ويندا: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان اسرائيل کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ايران جي پرڏيهي وزير حسين اميرعبداللهيان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صيهوني رياست پنهنجي بدترين دور مان گذري رهي آهي، اسرائيل رڳو آمريڪا جي ٽيڪ تي بيٺل آهي.

ايران پرڏيهي وزير چيو ته هڪ هفتي جي جنگ ٻڌائي ڇڏيو ته اسرائيل اها جنگ نٿو کٽي سگھي، جيڪڏهن اسان جنگ ۾ حصو ورتو ته اسرائيل جا ايوان ڌُڌي ويندا.

سندس چوڻ هو ته اڃا به ڪيتريون ئي صيهوني وسنديون القسام جي گرفت ۾ آهن، اسرائلي پنهنجو رستو نه مٽايو ته مزاحمتي تحڪريڪون خطي جو نقشو تبديل ڪري ڇڏينديون.

ايراني پرڏيهي وزير اسرائيل کي الٽيميٽم ڏيندي چيو ته اسرائيل لاءِ ايندڙ ڪلاڪن ۾ صورتحال بهتر ڪرڻ جو موقعو آهي، ائين نه ٿيو ته  مزاحمتي تحريڪون پنهنجين حڪمنت عملين کي وڌائي ڇڏينديون ۽ خطي جو نقشو تبديل ڪري ڇڏينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.