واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان جنگ ۾ اسرائلي پٺڀرائي لاءِ هڪ ٻيو جهاز برداري سامونڊي جهاز موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا اوڀر رومي سمنڊ ۾ پنهنجو ٻيو جهازن سان ڀريل سامونڊي ٻيڙو موڪليندو جنهن لاءِ بائيڊن انتظاميا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪا جو جهازن سان ڀريل هڪ ٻيڙو اڳ به اسرائيل جي ويجهو موجود آهي جيڪو هدفن کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سامونڊي جهازن ۾ ٻيون نمايان صلاحيتون به آهن جن طبي، سرجن ۽ ڊاڪٽرن سان گڏ هڪ اسپتال به شامل آهي.
اسرائيل جي ويجهو پهرين آمريڪي سامونڊي جهاز جي موجودگي جي رد عمل لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جو چوڻ هو ته خطي ۾ جنگي جهاز موڪلڻ سان اسان جي ويڙهاڪن کي ڊيڄاري نٿو سگھجي، اسان جنگ لاءِ تيار آهيون.
حزب الله جو چوڻ هو ته آمريڪي صيهوني رياست جو ساٿي آهي ۽ بيگناهه شهرين جي قتل، ڏوهن، گھيراءَ، هنن جي گھرن جي تباهي ۽ سنگين ڏوهن جو ذميوار آهي.
مزاحمتي تنظيم جو چوڻ هو ته خطي ۾ آمريڪي جهاز جي آمد نه رڳو اسرائيلي فوج جي ڪمزوري آهي پر لاڳيتو غير ملڪي حمايت جي ضرورت کي ظاهري ڪري ٿي.