اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو ورڪنگ پيپر حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.
مهانگائي سبب پريشان عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته 16 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
ان حوالي سان اوگرا حڪومت کي ورڪنگ پيپر موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 38 رپيا 49 پئسا لاٿ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 21 رپيا لاٿ جي تجويز آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حتمي فيصلي جو اختيار ناڻي واري وزارت وٽ آهي.
You might also like