کاڌي کان پوءِ هي 5 ڪم بلڪل نه ڪيو؟

ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي ته صحتمند طرز زندگي ئي صحتمند جسم جي ضرورت آهي، جتي صحت مند خوراڪ ضروري آهي ته اتي صحتمند طرز زندگي به گھٽ اهم ناهي.
کائڻ کان پوءِ جتي انسان چست محسوس ڪندو آهي اتي کائڻ کان پوءِ سستي محسوس ٿيڻ به ڪا نئين ڳالهه ناهي. پر سستي محسوس ٿيڻ تي فورن سمهي پوڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي.
گھڻا کائڻ کان فورن بعد سمهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، هو سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان هو وڌيڪ فريش ٿي ويندا.
طبي ماهرن کائڻ کان فوري پوءِ اهڙين عادتن کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، ڇو جو اهي عادتون انساني صحت کي سنگين نتيجن ۾ مبتلا ڪري سگھن ٿيون.
کاڌي کان پو3 ميوا نه کائو
طبي ماهرن کاڌي کان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ اڳ يا ٻه ڪلاڪ پوءِ ميوا کائڻ تجويز ڪندا آهن.
ميوا سولائي سان هضم ته ٿي ويندا آهن، پر جيڪڏهن کاڌي کان فورن بعد انهن کي کاڌو وڃي ته انهن کي هضم ٿيڻ ڏکيائي ٿيندي آهي.
کائڻ کان فورن بعد نه وهنجو
کائڻ کان فورن بعد وهنجڻ انساني صحت کي سنگين نقصانن ور چاڙهي سگھي ٿو. رت ۾ هضم ٿيندڙ کاڌو وهنجڻ دوران سڄي جسم ۾ منتقل ٿيندو آهي.
ائين ڪرڻ سان هاضمي جي شرح متاثر ٿيندي آهي، جيڪا هاضمي جي نظام لاءِ هاڃيڪار آهي.
کائڻ کان پوءِ چانهه نه پيئو
چانهه تيزابي هوندي آهي، ۽ تيزابيت هاضمي جي عمل تي اثر انداز ٿيندي آهي.
چانهه جي اها تيزابيت پروٽين کي هضم ڪرڻ ڏکيو بڻائيندي آهي.
ان کانسواءِ کاڌي کان فورن بعد چانهه آئرن کي جذب ڪرڻ ۾ مداخلت ڪندي آهي.
کائڻ کان پوءِ سگريٽ نه ڇڪيو
ماهر کائڻ کان فورن بعد سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪندا آهن، جڏهن اوهان کاڌي کان پوءِ هڪ سگريٽ ڇڪيندا آهيو ته اهو 10 سگريٽن جي برابر ٿي ويندو آهي.
کائڻ کان پوءِ اهو عمل ڦڦڙن لاءِ هرگز فائديمند ناهي، سگريٽ ڇڪيندڙن کي ان کان هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گھرجي.
کائڻ کان پوءِ نه سمهو
کائڻ کان پوءِ سستي محسوس ٿيڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي، پر جڏهن اوهان کائڻ کان پوءِ سمهي پوندا آهيو ته اوهان جي کاڌي کي صحيح طريقي سان هضم ٿيڻ ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي آهي.
۽ جڏهن اوهان جو پيٽ ڀريل هوندو آهي ته ننڊ دوران اکيون کُلڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.