ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سون جي تيزي سان وڌندڙ قيمتن کي بريڪ لڳڻ کانپوءِ هاڻي اگهه ۾ لڳاتار لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون اڄ به 2000 رپيا گهٽجي 4 لک 31 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1714 رپيا لاٿ سان 3 لک 70 هزار 252 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
جيولرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 20 ڊالرسستو ٿيڻ بعد 4095 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like