پروٽيز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شاهينَ گلابي رنگ جي ڪٽ پائي ميدان تي لهندا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مقابلي دوران گلابي ٿيم واري خاص ڪِٽ پائيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت جاڳرتا لاءِ ”پنڪ ربن“ مهم ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد چيو آهي ته راولپنڊي ۾ رٿيل پهرين ٽي ٽوئنٽي دوران ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۽ ميچ آفيشلز گلابي ربن پائيندا.
سي او او جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ گلابي ٿيم واري خاص ڪٽ پائيندي، جڏهن ته ميچ ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽمپس پڻ گلابي رنگ جا هوندا.
سمير احمد سيد چيو ته ڪرڪيٽ ذريعي ڇاتي جي ڪيسنر بابت عوامي آگاهي وڌائڻ پي سي بي جي هميشه ڪوشش رهي آهي، ميچ دوران ڪامينٽيٽرز لائيو نشريات ۾ آگاهي وارا پيغام شيئر ڪندا.
هن چيو ته پنڪ ربن اسپتال لاھور ۾ 28 آڪٽوبر تي مفت اسڪريننگ ۽ چيڪ اپ جي سهولت مهيا ڪندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 28 آڪٽوبر کان 1 نومبر تائين کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.