سڄي دنيا ۾ مڙس ۽ زال هڪ ٻئي کي محبت سان سڏڻ لاءِ مختلف نِڪ نيم استعمال ڪندا آهن، پر ترڪيه ۾ هڪ مڙس زال جو نمبر ”ٿُلهي“ جي نالي سان محفوظ ڪيو، جيڪو سندس لاءِ مصيبت بڻجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ترڪيه جي شهر اوشاڪ جي عدالت ۾ هلندڙ ان ڪيس ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي ته هڪ ترڪ شهري پنهنجي زال جو نمبر موبائل فون ۾ ترڪي ٻولي ۾ ”ٽومبڪ“ يعني ”ٿُلهي“ جي نالي سان محفوظ ڪيو، جنهن تي زال ڪاوڙجي طلاق لاءِ عدالت پهچي وئي.
طلاق واري ڪيس ۾ عورت دعويٰ ڪيو ته سندس مڙس طرفان استعمال ڪيل توهين جوڳو نالو سندن شادي شده زندگي کي نقصان رسائي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، عورت مڙس کان طلاق سان گڏ مالي ۽ ذهني نقصان جي ازالي جو به مطالبو ڪيو، جنهن کي عدالت منظور ڪندي مڙس خلاف فيصلو ٻڌايو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته زال جو نالو ”ٿُلهي“ طور محفوظ ڪرڻ رڳو ڀوڳ نه پر جذباتي تشدد آهي، جيڪو شادي شده رشتي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. ملڪ جي قانون موجب ظالماڻو رويو يا ذهني اذيت طلاق لاءِ بنياد بڻجي سگهي ٿي.
عدالت فيصلو ٻڌائيندي مڙس کي اڳوڻي زال کي ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ترڪيه جي عدالت جي ان تاريخي فيصلي سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
ڪيترا ئي واهپيدار عدالتي فيصلي جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ”ٿُلهي“ هڪ نِڪ نيم به ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري مڙس طرفان زال کي ٿُلهي چوڻ توهين نه آهي.
زال جو نمبر ”ٿُلهي“ جي نالي سان سيوَ ڪرڻ مڙس کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، طلاق سان گڏ ڏنڊ به لڳي ويس
You might also like