واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي حڪومت شٽ ڊائون سبب فوجين جي پگهارن جي ادائيگي امدادي رقم مان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وائيٽ هائوس ۾ جاري هڪ تقريب دوران صدر ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته هڪ دوست 130 ملين ڊالر آمريڪي فوجين جي پگهارن لاءِ مختص ڪيا آهن.
رپورٽن موجب، ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽ ميمبر نئين بجيٽ تي متفق نه ٿي سگهيا، جنهن سبب آمريڪي حڪومت پهرين آڪٽوبر کان شٽ ڊائون جو شڪار آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حڪومتي شٽ ڊائون سبب هزارين وفاقي ملازمن ۽ فوجي اهلڪارن جي پگهارن ۾ دير ٿي رهي آهي، جڏهن ته بجيٽ منظور نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي حڪومتي کاتا جزوي طور بند آهن.
آمريڪا ۾ شٽ ڊائون، ڪيئي کاتا بند، ٽرمپ جو فوجين کي امدادي رقم مان پگهارون ڏيڻ جو اعلان
You might also like