انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪِ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
گهرو وزارت جي ذريعن موجب، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو گهربل ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ايل پي تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 17 تحت نه پر دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت لڳائي وئي آهي.
واضح رهي ته گهرو کاتي اڳ ۾ ئي ٽي ايل پي تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن ٽي ايل پي تي پابندي جي منظوري ڏني، جنهن کان پوءِ گهرو وزارت مذهبي جماعت تي پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ٽي ايل پي کي هاڻي ڪالعدم جماعت قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت وٽ جوڳا ڪارڻ آهن ته ٽي ايل پي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع موجب ٽي ايل پي کي فرسٽ شيڊيول تحت ڪالعدم جماعتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.