افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم تي ڏنڊ لڳي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي طرفان افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم تي زمبابوي خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ سُست اوور ريٽ تي ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
زمبابوي ۽ افغانستان جي وچ ۾ 20 آڪٽوبر تي هراري ۾ سيريز جو واحد ٽيسٽ کيڏي وئي، جنهن ۾ ميزبان زمبابوي افغانستان کي اننگز ۽ 73 رنسن تان شڪست ڏني.
افغانستان ميچ ته هارائي ويو پر ان سان گڏوگڏ مٿس سست اوور ريٽ سبب ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان افغانستان ٽيم تي ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
ان حوالي سان آءِ سي سي ميچ ريفري رچي رچرڊسن جو چوڻ آهي ته افغانستان ٽيم مقرر وقت ۾ 5 اوور پوئتي هئي، جنهن سبب ان تي ڏنڊ هنيو ويو آهي.
آءِ سي سي جي قانون جي شق 2.22 موجب جيڪڏهن ڪا ٽيم مقرر وقت ۾ اوور مڪمل نه ڪري سگهي ته هر اوور جي عيوض رانديگرن جي ميچ فيس جو 5 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو آهي.
افغان ڪپتان حشمت الله شاهدي سُست اوور ريٽ واري غلطي کي تسليم ڪندي ڏنڊ جي سزا قبول ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.