افغان طالبان جو چترال مان نڪرندڙ ڪنڙ درياهه تي ڊيم اڏڻ جو اعلان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله اخوندزادا توانائي واري وزارت کي حڪم ڏنو آهي ته ڪنڙ درياهه تي جلد کان جلد ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي.
افغان ميڊيا موجب، سپريم ليڊر ملا هيبت الله اخوندزادا چيو آهي ته ڊيم لاءِ ملڪ جي ڪمپنين سان معاهدا ڪيا وڃن ۽ پرڏيهي ڪمپنين جو انتظار نه ڪيو وڃي.
ان حوالي سان پاڻي ۽ توانائي واري وزير ملا عبداللطيف منصور چيو آهي ته افغانن کي پنهنجي پاڻيءَ جو انتظام پاڻ ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ هي تاريخي فيصلو قومي ذخيرن کي سنڀالڻ لاءِ افغانن جي مضبوط ارادي کي ظاهر ڪري ٿو.
ياد رهي ته ڪنڙ درياهه چترال مان نڪري ٿو ۽ اٽڪل 482 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ ڪابل درياهه ۾ شامل ٿي واپس پاڪستان ايندو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ به ملا عبداللطيف منصور چيو هو ته ڪنڙ درياهه تي ڊيم ٺاهڻ طالبان حڪومت جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.