راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي دهشتگردي ٽور عدالت عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه عليما خان سميت 11 جوابدارن خلاف 26 نومبر واري احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عليما خان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري هئڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿي، جنهن سبب عدالت سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
جج امجد علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته عليما خان هر هنڌ موجود هوندي آهي، پر عدالت ۾ پيش ناهي ٿيندي.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳ ۾ ئي عليما خان جي پيش نه ٿيڻ تي 4 دفعا سندنس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
ان کانسواءِ عدالت عليما خان جا ضمانتي مچلڪا به ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري چڪي آهي.
You might also like