اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ علائقائي ٽرانسپورٽ وزيرن جي ڪانفرنس جي آخري اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جو خطو موجودا بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو تائين رابطن جو مرڪز رهيو آهي، گوادر جي ڊگهي سامونڊي پٽي ۽ ڪراچي بندرگاهه ميري ٽائم سلڪ روڊ جو حصو آهن.
هن چيو ته پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، عالمي سطح تي ٽرانسپورٽ ۽ رابطن واري نظام ۾ تبديليون اچي رهيون آهن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، ٽرانس افغان ريلوي، اسلام آباد، تهران ۽ استنبول ريلوي ڪوريڊور تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته علائقائي رابطن ۾ واڌ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو.
پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو: وزيراعظم
You might also like