صحت جي حوالي سان سڀ روز جي بنياد تي ڪجهه نه ڪجهه ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح گھڻا ماڻهو ڏندن جي تڪليف کان بچڻ لاءِ به مختلف ٽوٽڪا آزمائيندا رهندا آهن.
گھڻا ماڻهو سمهڻ کان اڳ ڏندن برش ڪرڻ ضروري سمجهندا آهن ته ڪجهه کي لڳندو آهي ته صبح جو ائين ڪرڻ صحيح آهي.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڏندن مان بيڪٽيريا کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر اوهان کي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پنهنجا ڏند برش ڪرڻ جي تجويز ڏيندا آهن يعني هڪ ڀيرو صبح جو هڪ ڀيرو شام جو.
ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پنهنجا ڏند برش ڪرڻ ضروري آهي ڇو جو ان سان اوهان جي ڏندن جي بيڪٽيريا جي سخت فلم ”پلاڪ“ کي هٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
جيڪڏهن ان کي نه هٽايو وڃي ته پلاڪ ڏندن ۾ ساڙي ۽ مهارن جي بيماري جو سبب بڻجي سگھي ٿو رڳو اهو ئي نه پر ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا برش ڪرڻ سان ساهه جي بوءِ کي ختم ڪرڻ ۾ به مدد ملندي آهي.
ماهرن موجب صبح جي وقت پنهنجا ڏند برش ڪرڻ ان ڪري خاص طور تي ضروري آهي ڇو جو ائين ڪرڻ سان اوهان انهن سڀني بيڪٽيريا کي هٽائي سگھو ٿا جيڪي رات جي وقت پيدا ٿيندا جڏهن اوهان سمجهي پوندا آهيو.
پنهنجي ڏينهن جي شروعات تازي ساهه سان گڏ ڪرڻ سدائين سٺو هوندو آهي. پر ڏندن جا ڊاڪٽر ڪڏهن به ڏينهن جي صحيح وقت بابت ڪا به تجويز ناهن ڏيندا ته ڪهڙي وقت ڏندن کي برش ڪرڻ يا صاف ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اوهان کي پنهنجا ڏند ڪڏهن برش ڪرڻ گھرجن.
برش کائڻ کان اڳ ۾ ڪيو وڃي يا بعد ۾؟
گھڻا ماڻهو نيرن کان اڳ پنهنجا ڏند برش ڪرڻ بهتر سمجهندا آهن ۽ ڊاڪٽر به اهو ئي چوندا آهن پر جڏهن اوهان ڪجهه کائڻ کان پوءِ پنهنجا ڏند برش ڪندا آهيو ته حقيقت ۾ اوهان پنهنجن ڏندن کي نقصان کان بچائي سگھو ٿا.
خاص طور تي ان وقت جڏهن اوهان ڪجهه مٺو يا کٽو کاڌو هجي ڇو جو جڏهن مٺو يا کٽو کائڻ کان فورن بعد اوهان برش ڪندا آهيو ته اوهان جي ڏندن کي اينيمل کي نقصان پهچي سگھي ٿو ۽ ان سان اوهان جي ڏندن ۾ ڪيوٽي ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن اوهان نيرن ڪرڻ کان اڳ برش نٿا ڪرڻ چاهيو پر اوهان واقعي چاهيو ٿا ته تازي ساهه سان گڏ گھر کان ٻاهر نڪرو ته نيرن کان پوءِ 30 منٽ انتظار ڪريو ۽ پوءِ ڏند برش ڪريو.
پر جيڪڏهن اوهان جلدي ۾ آهيو ته اوهان اند جي بدران سٺي طرح سان گُرڙي ڪيو اهڙيءَ جيڪا خوراڪ جا ٽڪرا اوهان جي ڏندن ۾ ڦاٿل هوندا اهي صاف ٿي ويندا.
Prev Post
Next Post
You might also like