کَلَ جي الرجي جون علامتون ۽ سبب

کَلَ جي الرجي بابت ڄاڻ رکڻ ضروري آهي ته جيئنعام کَلَ تي عام خارش ۽ الرجي جي سڃاڻپ سولائي سان ڪري سگھجي.

الرجي، الرجن (الرجي پيدا ڪندڙ مادن) سان نمائش جي نتيجي ۾ ٿيندي آهي. مثال طور ڪو اهڙو کاڌو جنهن سان اوهان کي الرجي هجي مختلف علامتن جو سبب بڻجي سگھي ٿو. اوهان پنهنجي وات ۽ ڳلي ۾ چڀن جو تجربو ڪري سگھو ٿا يا اوهان کي خارش به ٿي سگھي ٿي.

کَلَ جي الرجي جا مختلف قسم آهن جن جون علامتون به گھڻو ڪري مختلف هونديون آهن.

داغ:کَلَ جي مختلف حصن ۾ جلن،ڳاڙهي ٿي وڃڻ يا سوڄ ٿيڻ ۽ سور يا خارش ٿيڻ

ايگزيما:کَلَ جا داغ سڄي ويندا آهن جنهن جي ڪري خارش ۽ ان مان رت به وهي سگھي ٿو.

سوڄ:الرجن سان رابطي سان فوري بعد کَلَ ڳاڙهي، خارش وارا داغ بڻجي ويندا آهن.

ڳلي جي سوڄ:الرجي سان ڳچيءَ ڳلي ۾ جلن يا سوڄ جو احساس

سُجيل اکيون: اکيون ۾ پاڻي يا خارش ٿي سگھي ٿي جنهن جي ڪري اهي سڄي وينديون آهن.

خارش:کَلَ جي جلن يا سوڄ ۽ شديد تڪليف ڏيندڙ احساس، کَلَ جي خارش جي الرجي جي سڀ کان عام علامتن مان هڪ آهي.

الرجيز جا عام قسم:

جانورن جو شيون:انهن ۾ گھرن ۾ رهندڙ پالتو جانورن جا وار، جيتن فضلو ۽ لال بيگ وغيرا شامل آهن.

دوائون:پينسلن ۽ سلفا دوائون عام محرڪ آهن.

کنگهه جون شيون:ڪڻڪ،خشڪ ميوا، کير، شيلفش ۽ بيضا عام الرجنز آهن.

جيت جو ڏنگ:انهن ۾ ماکي جي مک، مڇر ۽ ٻيا جيت شامل آهن.

فنگس:سڙڻ يا هوا مان پيدا ٿيندڙ فنگس الرجڪ ردعمل کي سرگرم ڪري سگھن ٿا.

مخصوص نباتات:گاهه، جڙي ٻوٽيون ۽ ڪجهه مخصوص ٻوٽا الرجيز جو عام سبب آهن.

ٻيا الرجنز:ليٽيڪس هٿيا (دستانا)، ڪانڊم ۽ نڪل جهڙا ڌاتو به عام الرجنز آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.