پرويڊنس ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي ٽي ميچون شيڊيول آهن، ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ پاپوا نيوگيني ۽ يوگانڊا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم اومان سان مهاڏو اٽڪائيندي جڏهن ته ٽِين ميچ ۾ پاڪستان جو آمريڪا سان مقابلو ٿيندو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهن، ان سلسلي ۾ سڀاڻي وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون.
ميگا ايونٽ جي نائين ميچ پاپوا نيوگيني ۽ يوگنڊا وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي چئين وڳي شروع ٿيندي.
ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ آسٽريليا ۽ اومان وچ ۾ برج ٽائون ۾ شيڊيول آهي جيڪا پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي پنجين وڳي کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي مهم جي شروعات آمريڪا خلاف ميچ سان ڪندو جيڪا ڊيلاس ۾ پاڪستاني جي معياري وقت موجب رات ساڍي اٺين وڳي شروع ٿيندي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين ست ميچون ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ آمريڪا، نميبيا، افغانستان، ويسٽ انڊيز ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون ڪاميابي ماڻي ٻه ٻه پوائنٽون حاصل چڪيون آهن جڏهن ته دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ميچ بنا نتيجي ختم ٿيڻ سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ، هڪ پوائنٽ ڏني وئي هئي.
ي هئي.
Prev Post
Next Post
You might also like