وقت کان اڳ پوڙهو ڪندڙ 15 عام عادتون

عمر ۾ اضافو ته اهڙو عمل آهي جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي لاءِ به ممڪن ناهي ۽ هر گذرندڙ سال سان گڏ پوڙهائپ جا آثار قدرتي طور تي نمايان ٿيندا آهن.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي ڪجهه عادتن سان به پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي وڃي ٿو؟

جي ها واقعي انهن عادتن جي نتيجي ۾ وچولي عمر ۾ ئي پوڙهائپ ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي.

اهي اُهي عادتون آهن جيڪي روز مرهه جي معمولن جو حصو هونديون آهن ۽ گھڻا ماڻهو ان تي غور به ناهن ڪندا.

ڊپريشن کي نظر انداز ڪرڻ

تحقيقي رپورٽن ۾ دريافت ڪيو ويو ته ڊپريشن سان جسماني ۽ ذهني مسئلن ٿيندا آهن جڏهن ته دماغ سسڻ سبب پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.

جسماني صحت جيان دماغي صحت گھڻي اهم هوندي آهي ۽ ڊپريشن ٿيڻ تي ڊاڪٽرن سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

مصروفيت سبب سن اسڪرين جو استعمال نه ڪرڻ

اوهان گھڻو وقت چو ديواري جي اندر گذاريندا آهيو تڏهن به سن اسڪرين جو روز استعمال ڪرڻ گھرجي.

ماهرن موجب سج جي روشني کَلَ جي عمر تي سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿيندي آهي.

تنهنڪري جيڪڏهن وقت کان اڳ گھنجن کان بچڻ چاهيو ٿا ته روز سن اسڪرين جو استعمال ضرور ڪريو.

هفتي ۾ هڪ يا 2 سگريٽ پيئڻ

جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن تماڪ واپرائڻ سان صحت تي هاڃيڪار اثر ناهن پوندا، ته اهو خيال غلط آهي.

تماڪ ۾ هزارين اهڙا ڪيميائي مرڪب هوندا آهن جيڪي کل جي ٽشوز کي نقصان پهچائيندا آهن ۽ وقت کان اڳ پوڙهائپ جو شڪار بڻائي ڇڏيندا آهن.

تماڪ واپرائڻ سان کل جي لچڪ به متاثر ٿيندي آهي جڏهن ته گھنج ظاهر ٿيندا آهن.

دوستن کان پري رهڻ

ماڻهن سان سٺا لاڳاپا عمر ۾ اضافي جي رفتار سست ڪندا آهن.

تحقيق رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته سٺن سماجي لاڳاپن سان صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.

حقيقت ۾ هر مهيني هڪ ڀيرو به دوستن سان گھمڻ کل کي پوڙهائپ کان بچڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

چانهه يا ڪافي جو گھڻو استعمال

چانهه يا ڪافي گھڻن ماڻهن کي پسند هوندي آهي ۽ صحت لاءِ فائديمند به هوندي آهي.

پر ان جو گھڻو استعمال نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي، ڇو جو ان جي گھڻي استعمال سان اهي هارمونز متاثر ٿيندا آهن جيڪي شخصيت کي جوان ڏيکارڻ ۽ سوڄ کي گھٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

چيلهه جهڪائي رکڻ

ماڻهن جي ويهڻ يا بيهڻ جو انداز به جلد پوڙهائپ جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.

سمارٽ فون، ليپ ٽاپ يا ٽيبليٽ استعمال ڪندي گھڻا ماڻهو پنهنجي چيلهه کي اڳتي جهڪائيندا آهن جنهن جي ڪرنگهي جي هڏي تي دٻاءُ وڌندو آهي.

ان جي نتيجي ۾ ڪرنگهي جي هڏي متاثر ٿيندي آهي ۽ سنڌن جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.

جنڪ فوڊ جو شوق

جنڪ يا فاسٽ فوڊ کائڻ جو شوق پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ڪري ڇڏيندو آهي.

جنڪ فوڊ ۾ موجود سڻڀ، مٺاڻ، لوڻ ۽ ٻين جزن سان صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

ان جي ڀيٽ ۾ ميون، ڀاڄين ۽ دالين جو گھڻو استعمال عمر وڌڻ سان جسم تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي روڪٿام ڪندوآهي.

اسٽرا جو استعمال

پلاسٽڪ جي اسٽرا جي استعمال سان به ماڻهو جلد پوڙها ٿي سگھن ٿا.

ماهرن موجب جڏهن اوهان اڪثر اسٽرا جي ذريعي شربت پيئندا آهيو ته چپن تي ليڪون اڀري اينديون آهن جڏهن ته وات جي چوڌاري گھنج نظراچڻ شروع ٿي ويندا آهن.

سن گلاسز جو استعمال نه ڪرڻ

جيڪڏهن اوهان پنهنجين اکين کي محفوظ رکڻ چاهيو ٿا ته سن گلاسز جو استعمال ضرور ڪريو.

ان سان نه رڳو اکين جي چوڌاري گھنجن جي روڪٿام ٿيندي آهي پر نظر جي مختلف مسئلن کان بچڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

هر هفتي ڪيترائي ڀيرا گھڻي مقدار ۾ کائڻ

هر هفتي ڪيترائي ڀيرا گھڻي مقدار ۾ کاڌو کائڻ سان پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.

ان عادت جي نتيجي ۾ جيوگھرڙن تي دٻاءُ وڌندو آهي جنهن سان مختلف جسماني فعل متاثر ٿيندا آهن.

گھڻو کائڻ جي نتيجي ۾ جسم کي خوراڪ هضم ڪرڻ لاءِ گھڻي توانائي خرچ ڪرڻي پوندي آهي ۽ ميٽابولرزم جي رفتار متاثر ٿيندي آهي، جنهن سان ٿولهه جو خطرو وڌندو آهي.

ورزش نه ڪرڻ

ورزش نه ڪرڻ يا جسماني سرگرمين کان پري رهڻ جي نتيجي ۾ وقت کان اڳ پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.

هر هفتي گھٽ ۾ گھٽ 3 ڀيرا تيز رفتاري سان پنڌ ڪرڻ سان به صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڏندن جو خيال نه رکڻ

عمر وڌڻ جا پهريان اثر عام طور تي ڏندن مان ظاهر ٿيندا آهن.

اهو ئي سبب آهي جو روز ڏندن جي صفائي ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڏند صحتمند رهن.

صحتمند ڏندن سان ماڻهو وڌيڪ جوان نظر ايندا آهن.

گھڻي ميڪ اپ جو استعمال

اڪثر عورتون ننڍي عمر جون نظر اچڻ لاءِ ميڪ اپ جو استعمال ڪنديون آهن پر گھڻو ميڪ استعمال ڪرڻ سان کل جو پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.

ماهرن موجب گھڻي ميڪ اپ سان جلد جا سوراڪ بند ٿي ويندا آهن جلد کي تحفظ فراهم ڪندڙ قدرتي گھم متاثر ٿيندي آهي، انهن ٻنهي عنصرن سان وقت کان اڳ گھنج پئجي ويندا آهن.

صحتمند سڻڀ استعمال نه ڪرڻ

گھٽ سڻڀ واري خوراڪ جي استعمال سان جسماني وزن ۾ امڪاني گھٽتائي اچي سگھي ٿي پر ان سان پوڙهائپ ڏانهن سفر به تيز ٿي ويندو آهي.

طبي ماهرن موجب اوميگا 3 فيٽي ايسڊز سان ڀرپور غذائون جهڙوڪ مڇي ۽ دالين جي استعمال سان وقت کان اڳ پوڙهائپ کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پٺن کي نظر انداز ڪرڻ

پٺن جي مضبوطي ۽ پوڙهائپ ڏانهن سفر وچ ۾ واسطو موجودآهي.

طبي ماهرن موجب پٺن کي مضبوط رکڻ سان دل، دماغ ۽ هڏن کي تحفظ ملندو آهي، جنهن سان جوان نظر اچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.