نوجوان ٽڪ ٽاڪ تي روز ڪيترو وقت گذاريندا آهن؟

هونئن ته فيسبڪ دنيا جو مشهور ترين سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي پر نوجوانن لاءِ اهو گھڻو اهم ناهي.
حقيقت ۾ 11 کان 17 سالن جي عمر جا ٻار ۽ نوجوان پنهنجو سڀ کان وڌيڪ وقت ٽڪ ٽاڪ تي گذاريندا آهن.
اها دعويٰ هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي.
مشيگن يونيورسٽي جي تحت ٿيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 11 کان 17 سالن جي عمر جا ٻار ۽ نوجوان روز سراسري طور تي هڪ ڪلاڪ 52 منٽ ٽڪ ٽاڪ تي گذاريندا آهن.
ان جي ڀيٽ ۾ فيسبڪ تي ان عمر جا ماڻهو رڳو هڪ منٽ گذاريندا آهن.
اهڙيءَ طرح 11 کان 17 سالن جي عمر جا ٻار ۽ نوجوان سنيپ چيٽ تي 10 منٽ ۽ انسٽاگرام تي 16 منٽ گذاريندا آهن.
ٽڪ ٽاڪ جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن ڪنهن ايپ کي رکي سگھجي ٿو ته اها يوٽيوب آهي پر اتي ان عمر جا ماڻهو سراسري طور تي 40 منٽ رهڻ پسند ڪندا آهن.
تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ان عمر جي گھٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو نوجوانن جي سمارٽ فونز تي روز 237 نوٽيفڪيشنز ايندا آهن.
ان تحقيق جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته نوجوان پنهنجي سمارٽ فون کي ڪنهن استعمال ڪندا آهن.
تحقيق ۾ 11 کان 17 سالن جي عمر جي 203 ٻارن ۽ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو هو جن جي سمارٽ فونز ۾ اهڙا سافٽ ويئرز انسٽال ڪيا ويا جن مان اهو ڄاڻڻ ممڪن ٿي ويو ته اهي پنهنجن ڊوائيسز کي ڪيئن شامل ڪندا آهن.
تحقيق موجب نوجوان پنهنجو گھڻو وقت سوشل ميڊيا تي ئي گذاريندا آهن ۽ سراسري طور تي روز 153 منٽن تائين مختلف ايپس استعمال ڪندا آهن.
ان عمر جي گروپ ۾ ٽڪ ٽاڪ سڀ کان وڌيڪ مقبول ايپ آهي جنهن کان پوءِ يوٽيوب ۽ گيمنگ ايپس تي گھڻو وقت گذاريو ويندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھڻا نوجوان ٽڪ ٽاڪ کي ان لاءِ ترجيح ڏيندا آهن ڇو جو اهي پوسٽس پڙهڻ يا ٽائيپ ڪرڻ پسند ناهن ڪندا پر رڳو اسڪرول ڪندا رهندا آهن.
تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته 59 سيڪڙو ٻار ۽ نوجوان رات جو 12 کان صبح جو 5 وڳي جي وچ ۾ به فون کي استعمال ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.