هروڀرو فلم مان ڪڍيو ويو، سدائين ائين ڪندا آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جون اڪثر شخصيتون سوشل ميڊيا تي پنهنجون ڪاميابيون شيئر ڪنديون آهن، تازو ئي نوجوان اداڪارا ريڪال پريت سنگهه پنهنجي فلمي سفر بابت شيئر ڪيو.

اداڪارا سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽاگرام تي چيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ مان صرف هڪ نوجوان ڇوڪري هئس، جنهن وڏي اسڪرين تي ظاهر ٿيڻ جو خواب ڏٺو پر فلم انڊسٽري جي ڪا به ڄاڻ نه هئي.

هن چيو ته سئنيما ۾ منهنجو سفر لاهن چاڙهن، قبوليت ۽ انڪار سان ڀرپور رهيو پر هميشه سٺي سکيا جو تجربو رهيو.

راڪل جو چوڻ هو ته ممبئي منتقل ٿيڻ ۽ هتي هڪ نوجوان ڇوڪري جي حيثيت ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو هو، آڊيشن لاءِ قطار ۾ بيهڻ ۽ ڪاسٽنگ ايجنٽن ۽ ڊائريڪٽرن سان ملڻ، فلمون سائن ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي اداڪار جي فلم ۾ شامل ٿيڻ، اهو سڀ ڪجهه مون کي بهترين تجربو ڏنو.

هن چيو ته مون وٽ صرف هڪ شيءِ هئي خود اعتمادي ۽ يقين ۽ مون هميشه وڌيڪ محنت ڪئي ته جيئن منهنجو ڪم منهنجو تعارف بڻجي وڃي.

ياد رهي ته ان کان اڳ به ڪيتريون ئي اداڪارائون آهن جن کي فلمن مان ڪڍي ٻين کي فلم ڏني ويندي آهي. اهو بالي ووڊ ۾ هميشا ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.